آفتاب نظاماڻي

آفتاب نظاماڻي: ڪهاڻيڪار ۽ صحافي آفتاب نظاماڻيءَ جو اصل نالو ’وريام نظاماڻي‘ هو، پر هو ادبي حلقي ۾ ’آفتاب نظاماڻي‘ جي نالي سان مشهور هو. هن 26 اپريل 1948ع تي سانگهڙ شهر ۾ محمد يوسف نظاماڻيءَ جي گهر ۾جنم ورتو. سندس ادب سان تمام گهڻو چاهه هو. هن صحافت به ڪئي ته اخبارن ۾ ڪالم به لکيا. سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر به رهيو. هو هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، انشورنس ايجنٽ، صحافي ۽ سماجي ورڪر طور به مشهور هو. سندس ڪهاڻين جا ٻه مجموعا: ”ارپنا“ (1982ع) ۽ ”اوهيرا“، (1984ع) ڇپيل آهن. انگريزن خلاف هليل حُر تحريڪ تي به هن وڏي تحقيق ڪري ڪتاب جيترو مواد گڏ ڪيو، پر اُهو ڇپجي نه سگهيو. ان کان علاوه سانگهڙ ۾ ثقافتي ميلا لڳرائڻ ۽ سانگهڙ بابت سووينئر ڇپرائڻ ۾ هن جو اهم ڪردار رهيو. سندس لکيل ڪجهه سنڌي ڊاراما پي ٽي وي تي به هليا. لساني فسادن واري دور ۾ کيس 21 جون 1988ع تي حيدرآباد ۾ دهشتگردن شهيد ڪيو. سنجهوري تعلقي جي ڳوٺ عيسن چانڊئي سان تعلق رکندڙ، سندس گاڏيءَ جو ڊرائيور نور محمد سولنگي پڻ اُن واقعي ۾ ساڻس گڏ شهيد ٿيو. سندس آخري آرامگاھ سانگهڙ ۾ ’منصورن جو مقام‘ ۾ آهي. هن وقت سندس فرزند انجم آفتاب نظاماڻي صحافت جي دنيا ۾ سرگرم آهي ۽ پريس ڪلب سانگهڙ جو صدر پڻ رهيو آهي. سندس ٻيو فرزند عدنان آفتاب نظاماڻي مهراڻ يونيورسٽي خيرپور ڪيمپس ۾ انجنيئرنگ شعبي ۾ ڪم ڪري ٿو.
(حوالو: ”سانگهڙ تاريخ جي آئيني ۾“ پروفيسر ممتاز علي لغاري)


لفظ آفتاب نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.04.26  عيسوي

ڪهاڻيڪار ۽ صحافي آفتاب نظاماڻيءَ جو اصل نالو ’وريام نظاماڻي‘ هو، پر هو ادبي حلقي ۾ ’آفتاب نظاماڻي‘ جي نالي سان مشهور هو. هن 26 اپريل 1948ع تي سانگهڙ شهر ۾ محمد يوسف نظاماڻيءَ جي گهر ۾جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حميد ڀٽو
سلطان حيدر مرزا
ريٽا شهاڻي
سنڌو ميراڻي
حشو ڪيولراماڻي
رعنا شفيق
غلام مصطفيٰ سولنگي 2
سيد نور رضوي
صديقي محمد علي ڊاڪٽر
ڊومڪي حڪيم عبداللطيف
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون